افغانستان پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪي: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

پاڪ فوج جي ڪور ڪمانڊرز چيو آهي ته افغانستان پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ عالمي، علائقائي ۽ مقامي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

ڪانفرنس ۾ لائن آف ڪنٽرول، ورڪنگ بائونڊري ۽ پاڪ افغان بارڊر جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، ملڪ کي پيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي ۽ آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.

ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ افغانستان مان فائرنگ جي وڌندڙ واقعن جو نوٽيس وٺندي چيو ويو ته افغانستان پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪي.

Read Previous

وزيراعظم جو نوجوانن لاءِ اهم اعلان

Read Next

پ پ پنهنجي غلطي تسليم ڪري: مولانا فضل الرحمان

Most Popular