پ پ پنهنجي غلطي تسليم ڪري: مولانا فضل الرحمان

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري کيس اتحاد ۾ پ پ ۽ اي اين پي جي واپسيءَ جي تجويز ڏئي ڇڏي.

شهباز شريف اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مخالف جماعتن جي گڏيل اتحاد ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان واضح لفظن ۾ چيو ته پ پ پنهنجي غلطي تسليم ڪري ۽ پي ڊي ايم جي فيصلن تي عمل ڪري، اسان جا دَر کليل آهن.

هن چيو ته پي ڊي ايم ٻنهي جماعتن کي رابطو ڪرڻ لاءِ وقت ڏنو هو پر انهن اڃا تائين رابطو نه ڪيو، نه ئي شوڪاز جو جواب ڏنو، پ پ اڳ ۾ پنهنجي غلطي تسليم ڪري.

Read Previous

افغانستان پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪي: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

Read Next

جتي شهباز شريف هجي، اتي منهنجي موجودگي ضروري ناهي: مريم نواز

Most Popular