سنڌ اسميبلي ۾ ارڙنهن ساله نوجوانن جي شادي لازمي ڪرائڻ جو بل جمع

سنڌ ۾ 18 سالن جي نوجوانن جي لازمي شادي ڪرائڻ جو بل جمع ڪرايو ويو جنهن ۾ نوجوانن جي شادي نه ڪرائيندڙ والدين تي 500 روپيه ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

تفصيل موجب سنڌ ۾ 18 سالن جي نوجوانن جي لازمي شادي ڪرائڻ جو بل جمع ڪرايو ويو. ايم پي اي ايم ايم اي سيد عبدالرشيد مذڪوره بل اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو بل 2 صفحن تي ٻڌل آهي جنهن کي سنڌ لازمي شادي ايڪٽ 2021  جو نالو ڏنو ويو آهي.

بل ۾ نوجوانن جي شادي نه ڪرائيندڙ والدين تي 500 روپيه ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.  بل ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت اهو يقيني بنائي ته والدين پنهنجي بالغ ٻارن جي لازمي شادي ڪرائين. جيڪڏهن والدين دير ڪن ٿا ته ڊپٽي ڪمشنر کي لکت ۾ آگاهي ڏيڻي پوندي. ايم پي اي ايم ايم اي سيد عبدالرشيد ان حوالي سان چيو آهي ته معاشري جي فلاح لاءِ مذڪوره قانون تجويز ڪيو ويو آهي

Read Previous

وبا کان اڳ ئي چيني ليبارٽري جا ڪارڪن ڪورونا سان متاثر ٿيڻ جي دعويٰ

Read Next

پ پ ۽ اي اين پي جي پي ڊي ايم ۾ ٻيهر شموليت واري معاملي تي شهباز ۽ مريم ۾ اختلاف سامهون اچي ويا

Most Popular