سنڌ-پنجاب پاڻي مسئلو، ارسا صوبن بابت اهم فيصلو ڪري ورتو

ارسا پنجاب ۽ سنڌ جي لاءِ پاڻي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪري ڇڏي جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه کي شارٽ فال کان آجو قرار ڏنو ويو.

اسلام آباد ۾ پاڻي جي مسئلي تي انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبن جي حصن ۾ وڌيڪ ڪٽوتي ڪئي وئي.

پنجاب ۽ سنڌ کي پاڻي جي فراهمي ۾ 32 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي. ٻنهي صوبن کي پاڻي جي فراهمي ۾ ان کان اڳ 23 سيڪڙو گهٽتائي هئي. اڄ کان پنجاب کي 83 هزار ۽ سنڌ کي 74 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويندو.

آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي. ارسا طرفان آبي ذخيرن جا انگ اکر جاري ڪيا ويا جنهن موجب 24 ڪلاڪن ۾ آبي ذخيرن ۾ 60 هزار ايڪٽ فٽ جي گهٽتائي ٿي وئي ۽ آبي ذخيرن ۾ اڄ پاڻي جو گڏيل ذخيرو 6 لک 72 هزار ايڪٽ فٽ رهجي ويو آهي. گذريل ڏينهن آبي ذخيرن ۾ 7 لک 32 هزار ڪيوسڪ پاڻي هو.

Read Previous

پي ايس ايل لاءِ ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقي آفيشلز، براڊ ڪاسٽرز ۽ رانديگرن جون ويزائون جاري

Read Next

ڪورونا وبا: وڌيڪ 67 مريض فوت، 2482 مثبت ڪيس رپورٽ

Most Popular