ڪورونا وبا: وڌيڪ 67 مريض فوت، 2482 مثبت ڪيس رپورٽ

ڪورونا وبا جي ڪري وڌيڪ 67 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته فعال ڪيسن جي انگ ۾ گهٽتائي ٿي آهي ان کان سواءِ ملڪ ۾ ڪورونا جا 2 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 51 هزار 625 ڪورونا وائرس جون ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي ٽيسٽن جو انگ 1305795 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 482 مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديقي مريضن جو انگ 913784 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين سنڌ ۾ 3 لک 14 هزار 158، پنجاب ۾ 3 لک 37 هزار 775، خيبرپختونخواهه ۾ 1 لک 31 هزار 411، اسلام آباد ۾ 80 هزار 927، بلوچستان ۾ 24 هزار 908، آزاد ڪشمير ۾ 19 هزار 600 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 545 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪورنا جي فعال مريضن جو انگ 58 هزار 611 آهي. جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

Read Previous

سنڌ-پنجاب پاڻي مسئلو، ارسا صوبن بابت اهم فيصلو ڪري ورتو

Read Next

جهانگير ترين جي گرفتاري جا امڪان آهن: ايف آءِ اي ذريعا

Most Popular