جهانگير ترين جي گرفتاري جا امڪان آهن: ايف آءِ اي ذريعا

ايف آءِ اي جي ذريعن موجب جهانگير ترين جي گرفتاري لاءِ ورڪنگ پيپرز جي تياري شروع ڪئي وئي آهي.

فيڊرل انويسٽي گيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) ذريعن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم جي مددگار شهزاد اڪبر جي ايف آءِ اي آمدکان پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين بابت ڪيسن جي انويسٽي گيشن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي اچي وئي آهي جنهن کان پوءِ جهانگير ترين جي وارثن جي خلاف داخل ڪيسن جي جاچ جي پراگرس رپورٽ تيار ڪئي وئي.

ايف آءِ اي جي ذريعن موجب جهانگير ترين جي گرفاري لاءِ ورڪنگ پيپرز جي تياري شروع ڪئي وئي آهي، جنهن جي لاءِ ڪيسن جي جاچ ٽيم جي سربراهي به هڪ ڀيرو ٻيهر ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ڊاڪٽر رضوان جي حوالي ڪئي وئي آهي.

Read Previous

ڪورونا وبا: وڌيڪ 67 مريض فوت، 2482 مثبت ڪيس رپورٽ

Read Next

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جو آفريقي قسم تيزي سان پيو پکڙجي: عذرا پيچوهو

Most Popular