پاڪستان سپر ليگ جو فائنل 24 جون تي ڪرائڻ جو فيصلو

پاڪستان سپر ليگ 6 جون فائنل 24 جون تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز مالڪن سان ميٽنگ جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پي سي بي موجب قومي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي دوري لاءِ 23 بدران 25 جون تي رواني ٿيندي ۽ پاڪستان سپر ليگ جو فائنل هاڻ 24 جون تي ٿيندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل جون رهيل ميچون ابو ظهبي ۾ يقيني بڻائڻ لاءِ قومي ٽيم جي انگلينڊ روانگي جو شيڊيول ٻن ڏينهن لاءِ پوئتي ڪري ڇڏيو آهي.

گڏجاڻي دوران فرنچائز مالڪن کي ٻڌايو ويو ته ڀارت سان واسطو رکندڙ پروڊڪشن ڪريو کي هاڻ دبئي ۾ آئسوليشن ۾ رکيو ويو آهي.

Read Previous

فن لينڊ جي وزيراعظم کي سرڪاري خرچ تي نيرن ڪرڻ ڳچيءَ ۾ پئجي وئي

Read Next

وديا بالن پنهنجي فلم ”شيرني“ جو ٽيزر جاري ڪري ڇڏيو

Most Popular