فن لينڊ جي وزيراعظم کي سرڪاري خرچ تي نيرن ڪرڻ ڳچيءَ ۾ پئجي وئي

فن لينڊ پوليس سرڪاري خرچ تي نيرن ڪرڻ تي ملڪي وزيراعظم خلاف جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

35 ورهين جي سنا مارين سرڪاري رهائشگاهه ۾ گهرڀاتين سان گڏ نيرن جي بل جي مد ۾ عوامي خزاني مان ماهوار 300 يورو وصول ڪيا، جنهن تي عوام طرفان سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ويو.

سوشل ميڊيا تي بحث ۾ عوام وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته اها رقم واپس ڪيو، استعيفيٰ ڏيو ۽ گهر وڃو.

ان حوالي سان وزيراعظم سنا مارين چيو آهي ته اها ڪا نئين ڳالهه ناهي، ان کان اڳ به جيڪي شخصيتون ان عهدي تي رهيون، انهن کي به اها رقم ملندي هئي.

Read Previous

ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم، پوليس چيف جي ايس ايڇ اوز کي وارننگ

Read Next

پاڪستان سپر ليگ جو فائنل 24 جون تي ڪرائڻ جو فيصلو

Most Popular