عذرا پيچوهو جو ڪورونا صورتحال تي اهم بيان

سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو چيو آهي ته هاڻ به اسپتالن ۾ گهڻا ماڻهو اچي رهيا آهن، سڄي سنڌ ۾ پابنديون برقرار رهنديون.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عذرا پيچوهو چيو ته ڪورونا ۾ اڃا گهٽتائي ناهي آئي، اسپتالن ۾ بسترا ڀريا پيا آهن، ڪراچي ۾ هاڻ به 11 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن، شاپنگ سينٽر جيڪڏهن دير تائين کولڻا اٿوَ ته عملي کي ويڪسين لڳرايو.

هن چيو ته اسان کي ڪورونا ويڪسين مهم تيز ڪرڻي پوندي، ماڻهو غلط افواهن سبب ويڪسين نه پيا هڻائن، اسان جو هدف 70 کان 80 سيڪڙو عوام کي ويڪسينيٽ ڪرڻ آهي، 15 لک ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي آهي، ماڻهو ويڪسينيشن ڪرائن ته نرميون ڪنداسين.

Read Previous

”پ پ جمهوريت کي نقصان پهچايو، استعيفائن جي موقف تي قائم آهيون“

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 21 هزارن کان وڌي ويو

Most Popular