ڪورنا وائرس: ملڪ ۾83 فوتگيون، ٽن مهينن کان پوءِ مثبت ڪيسن جي سڀ کان گهٽ شرح

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 83 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا پر مثبت ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي ڏٺي پئي وڃي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ٽن مهينن کان پوءِ سڀ کان گهٽ مثبت ڪيسن جي شرح رپورٽ ٿي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 52859 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 1893 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته اوئرس سبب 83 فوتگيون به ٿيون.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 3.58 سيڪڙو رهي.

گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جي مثبت ڪسين جي شرح ٽن مهينن کان پوءِ هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان گهٽ شرح آهي، ان کان اڳ 27 فيبروري تي ڪورونا جي سڀ کان گهٽ شرح 3.2 ريڪارڊ ڪئي وئي هئي.

Read Previous

”پاڻ کي جمهوري سڏرائيندڙ فوج کي حڪومت ڪيرائڻ جو چوندا آهن“

Read Next

”رائيونڊ جي وزير اعظم کي ٻاهر موڪلي چيو پيو وڃي ته اين آر او نه ڏيندس“

Most Popular