افغان فورسز ناڪام، طالبان هڪ ٻئي ضلعي جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو

افغانستان ۾ طالبان جا حملا جاري آهن ۽ انهن هڪ ٻئي ضلعي جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي.

افغانستان جي اوڀر صوبي نورستان جي ڪائونسلر سيد الله نورستاني موجب 20 ڏينهن جي مزاحمت کانپوءِ سيڪيورٽي دستن ڄاڻي واڻي دوآب ضلعي مان واپسي اختيار ڪري ڇڏي آهي.

سندس چوڻ هو ته طالبان ان ضلعي جو گهيرو ڪيو هو، جڏهن ته ان جي سموري سپلاءِ بلاڪ ڪئي وئي هئي.

Read Previous

”معيشت درست ڪرڻي آهي ته عمران خان جهڙن تجربن کان بچڻو پوندو“

Read Next

پي ايس ايل 6 جي رهيل ميچن لاءِ آفيشلز جو اعلان ٿي ويو

Most Popular