ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر جو خطرو

سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي صدارت هيٺ پوليو روڪ مهم ۽ ڪورونا وائرس جي صورتحال تي اجلاس ٿيو.

ان موقعي تي عذرا پيچوهو چيو ته ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر جو خطرو آهي، سڀني ضلعن ۾ ڪورونا ويڪسينيشن جو عمل تيزي سان جاري آهي، جنهن ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي.

هن چيو ته انڊسٽريز لاڪ ڊائون کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته ورڪر ويڪسينيشن ڪرائن، عملي جي ويڪسينيشن ڪرائيندڙ فيڪٽرين کي ئي حڪومت طرفان هلڻ جي اجازت هوندي.

Read Previous

گهوٽ کي گُٽڪو کائيندي ڏسي ڪنوار شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Read Next

ايم ڪيو ايم وارا لساني جهيڙن ذريعي وري امن تباهه ڪرڻ چاهين ٿا: پ پ

Most Popular