ايم ڪيو ايم وارا لساني جهيڙن ذريعي وري امن تباهه ڪرڻ چاهين ٿا: پ پ

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم وارا پنهنجي اڳوڻي قائد جيان لسانيت کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، سنڌ سان محبت ڪندڙن کي اپيل ٿا ڪيون ته انهن جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏين.

اطلاعات واري وزير ناصر شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته وفاق ۾ وزارتن جا مزا ماڻيندڙ نفيس ماڻهن ۽ سنڌ جي دعويدارن آدم شماري تي سودو ڪري ڇڏيو، پ پ جو آدم شماري تي پهرين ڏينهن کان موقف واضح آهي ته اها سنڌ سان زيادتي آهي.

هن چيو ته بحريا ٽائون ۾ جيڪو ٿيو غلط ٿيو، ڪجهه تنظيمن احتجاج جو اعلان ڪيو، جيڪو انهن جو آئيني حق هو، اسان ڪنهن به قسم جي رنڊڪ نه وڌي پر سازش تحت شرپسند ڪيميڪل سان ليس هئا، انهن نه رڳو باهه لڳائي پر ڦرلٽ به ڪئي، جنهن جي اسان سخت مذمت ڪيون ٿا، جاچ ڪئي پئي وڃي، ذميوارن خلاف دهشتگردي واري قانون تحت ڪارروائي ٿيندي ۽ بي ڏوهن کي ڇڏيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته بحريا ٽائون واقعي کانپوءِ ايم ڪيو ايم وارن اتي وڃي تعصب پکيڙيو، هاڻ جڏهن 15 جون تي سنڌ جي قوم پرست جماعتن احتجاج جو سڏ ڏنو آهي ته ايم ڪيو ايم به بحريا ٽائون واقعي خلاف ان ئي ڏينهن احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، اها سندن اڳوڻي قائد وانگر پنهنجي سياست لاءِ لسانيت کي هٿي ڏيڻ جي سازش آهي، جيئن انهن جي اڳوڻي قائد مهاجر سنڌي، مهاجر پختون ۽ ٻين قومن کي پاڻ ۾ ويڙهايو ۽ سياست ڪئي، اهي احتجاج ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر لساني جهيڙا ڪرائڻ چاهين ٿا.

Read Previous

ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر جو خطرو

Read Next

سعودي عرب ۾ هن سال به رڳو مقامي ماڻهو حج ادا ڪندا

Most Popular