آءِ ايم ايف جي ملازمن بجيٽ تيار ڪري عمران خان کي ڏنو: بلاول ڀٽو

بلاول ڀٽو چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي ملازمن بجيٽ تيار ڪري عمران خان کي ڏنو جنهن تي ڪنهن به قسم جي غور کان سواءِ جيئن جو تيئن پيش ڪيو ويو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته عوام دشمني جي بنياد تي ٺاهيل هن سليڪٽڊ بجيٽ جي هر صفحي تي عوام جي معاشي قتل عام جون ترڪيبون لکيل آهن. عمران خان جي ٽيڪس لڳائڻ واري چوري پڪڙي وئي آهي.

تحريڪ انصاف عام ماڻهو جي استعمال جي هر شيءَ تي اربين روپين جو ٽيڪس لڳائي ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ سونامي جو هڪ نئون طوفان اچڻ وارو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته يپٽرول تي 20 روپيه في ليٽر ۽ کنڊ تي 7 روپيه في ڪلو جي اضافي کي اسان ناڪام بنائينداسين. جڏهن ته ڪمپنيون خام تيل ۽ ايل اين جي تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ڏينديون ته  پيٽرول ۽ گيس جون قيمتون وڌنديون ۽ ان ٽيڪس جو وزن عوام برداشت ڪندو.

Read Previous

ايمن مون کي پسند ڪيو پر هاڻ مڃڻ لاءِ تيار ناهي: منيب جو انڪشاف

Read Next

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار مقرر

Most Popular