سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار مقرر

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اپوزيشن گوڙ ۽ نعريبازي دوران ايندڙ سال جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي.

آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ سيد مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪئي، جنهن دوران اپوزيشن سخت گوڙ ۽ نعريبازي ڪئي، جڏهن ته پ پ ميمبرن وڏي وزير کي حفاظتي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو.

بجيٽ تقرير دوران مراد علي شاهه چيو ته مالي سال 22-2021 لاءِ صوبي جي بجيٽ جو ڪاٿو 1477 ارب 90 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي، سنڌ جي آمدني جو ڪاٿو 1452 ارب 16 ڪروڙ 80 لک رپيا آهي، ائين بجيٽ خساري جو ڪاٿو 25 ارب 73 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي، بجيٽ ۾ ڪنهن نئين ٽيڪس جي تجويز ناهي، ترقياتي خرچن ۾ 41.3 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فلاحي منصوبن لاءِ 293 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته تعليم لاءِ مجموعي طور 240 ارب، جڏهن ته صحت لاءِ 172 ارب رپيا رکيا ويا آهن، صوبي ۾ وبائي مرضن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ 24.73 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جنهن ۾ هيلٿ الائونس به شامل آهي، صوبي ۾ امن امان لاءِ 119.97 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

Read Previous

آءِ ايم ايف جي ملازمن بجيٽ تيار ڪري عمران خان کي ڏنو: بلاول ڀٽو

Read Next

سنڌ ۾ به ڪورونا ويڪسين نه لڳرائيندڙن جون سِمون بند ڪيون وينديون

Most Popular