ڀارت ۾ موذي وائرس کان ڇوٽڪاري لاءِ ڪورونا مندر تيار، پوجا شروع

ڀارت ۾ ڪورونا وائرس کان ڇوٽڪاري جي لاءِ ڪورونا مندر تيار ڪيو ويو آهي. اتر پرديش جي ڳوٺ شڪلاپور جي مقامي رهواسين هلندڙ هفتي ڪورونا ماتا جي نالي سان هڪ مندر تعمير ڪيو جتي ڳوٺ جا رهواسي ڪورونا کان ڇوٽڪاري جي لاءِ پوجا ڪندا آهن، پاڻي ڏيڻ سان گڏ گل به چاڙهيندا آهن.

ميڊيا رپورٽن موجب مندر جي تعمير جي حوالي سان ڳوٺ جي رهواسڻ سنگيتا جو چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو ته مندر جي تيار ٿيڻ سان ڳوٺ وارن کي سڪون ملي سگهي. ٽوئٽر تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ ڳوٺ جي رهواسين کي ڪورونا ماتا جي نالي سان تيار ڪيل مندر جي اڳيان پنهنجون مذهبي رسمون ادا ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

ياد رهي ته مئي ۽ اپريل دوران ڀارت ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جا ڪيس ۽ فوتين جو انگ عروج تي هو پر هاڻ ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ گهٽتائي واقع ٿي آهي.

Read Previous

انگلينڊ جو دورو: قومي ٽيم جي ڪيل ڪورونا ٽيسٽ جا نتيجا اچي ويا

Read Next

پاڪ ويڪ ڪورونا ويڪسين جي استعمال لاءِ گائيڊ لائنز جاري

Most Popular