ايمن جي ناراض ٿيڻ کان پوءِ مان پاڻ به خاموش ٿي نخرا ڏيکاريندو آهيان: منيب بٽ

  پاڪستاني اداڪار منيب بٽ چيو آهي ته جيڪڏهن منهنجي گهر واري ايمن ناراض ٿي وڃي ته مان پاڻ به خاموش ٿي ويندو آهيان ۽ نخرا ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهيان.

اداڪار تازو ئي هڪ ويب شو ۾ شرڪت ڪئي. شو دوران پنهنجي ۽ ايمن جي لاڳاپن سميت مختلف موضوعن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ميزبان جي سوال تي منيب بٽ انڪشاف ڪيو ته اسان ٻنهي ۾ جڏهن ايمن ناراض ٿيندي آهي ته مان کيس پرچائيندو آهيان. منيب بٽ ٻڌايو ته ايمن جڏهن ناراض ٿيندي آهي ته مان ٿوري دير جي لاءِ خاموش ٿي ويندو آهيان ۽ ڳالهائيندو به نه آهيان نخرا ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهيان.

منيب جي جواب تي ميزبان چيو ته ناراض هو ٿيندي آهي ۽ نخرا اوهان ڏيکاريندا آهيو؟ ان تي اداڪار ميزبان جي ڳالهه سان اتفاق ڪندي چيو ته سخت ڇوڪرا  ڇوڪرين جي آڏو پگهرجندا نه آهن ڇو ته جيڪي پگهرجي ويندا آهن اهي ڪجهه به ناهن ڪري سگهندا. اداڪار وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن مان ناراض ٿي ويندو آهيان ته ايمن مون کي ڏسي کلڻ شروع ٿي ويندي آهي ۽ ان کان پوءِ مان به کلڻ شروع ٿي ويندو آهيان. منيب بٽ انٽرويو دوران گرل فرينڊ ۽ بواءِ فرينڊ جي تعلق بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.

Read Previous

سکر: روهڙي ۾ مال گاڏي ٻارڙن مٿان چڙهي وئي، ٻه ٻارڙا فوت

Read Next

پي ايس ايل جو پهريون مرحلو مڪمل، پلي آف جون چار ٽيمون ڪنفرم ٿي ويون

Most Popular