طالبان جيڪڏهن دشمني چاهين ٿا ته کين سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا: افغان صدر

 افغانستان جي صدر اشرف غني طالبان کي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن هو دشمني چاهين ٿا ته کين سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

طالبان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته سياسي رستو اختيار ڪرڻو آهي يا جنگ وڙهڻي آهي؟ افغان صدر طرفان طالبان کي  اهو پيغام نئين بچاءُ واري وزير ۽ گهرو وزير جي مقرري جي موقعي تي ڏنو ويو آهي. ان جو چوڻ  هو ته نئين وزيرن جي مقرري سان سيڪيورٽي جا ادارا مضبوط ٿيندا. هن جو چوڻ هو ته اسان سڀني کي خبر آهي ته ملڪ جي بچاءُ لاءِ جان جي قرباني ڏيڻ فخر جوڳي ڳالهه آهي پر اسان زندگي چاهيون ٿا. هڪ اهڙي ملڪ ۾ جيڪو امن امان جهڙي بنيادي حقن کان محروم آهي.

اشرف غني چيو ته ڇا 43 ساله جنگ اسان جي ملڪ لاءِ ڪافي نه آهي؟ هوڏانهن طالبان 24 ڪلاڪن دوران فرياب صوبي جي 11 ضلعي هيڊ ڪوارٽرز تي قبضو ڪري ورتو آهي. سيڪيورٽي جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳالهين جي لاءِ اشرف غني ۽ عبدالله عبدالله آمريڪا جو دورو ڪندا.

Read Previous

پي ايس ايل جو پهريون مرحلو مڪمل، پلي آف جون چار ٽيمون ڪنفرم ٿي ويون

Read Next

لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ ڌماڪو، ٻه ڄڻا مارجي ويا، 17 زخمي

Most Popular