لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ ڌماڪو، ٻه ڄڻا مارجي ويا، 17 زخمي

لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 17 زخمي ٿي پيا آهن.

ڌماڪو جوهر ٽائون ۾ هڪ گهر ۾ ٿيو، جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، جڏهن ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ ويجهين عمارتن جا شيشا به ڀڄي پيا ۽ اتي بيٺل گاڏين کي به نقصان پهتو.

ذريعن موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمين کي مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت اسپتال منتقل ڪيو.

سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر ٻڌايو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ 17 زخمي ٿي پيا، جن مان 4 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

Read Previous

طالبان جيڪڏهن دشمني چاهين ٿا ته کين سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا: افغان صدر

Read Next

نيب سنڌ جي اهم شخصيتن خلاف گهيرو تنگ ڪري ورتو

Most Popular