ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه پ پ جي سنڌ اسيمبلي ميمبر سان شادي ڪري ورتي

پاڪستان جي تڪراري شخصيت ۽ ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه شادي ڪري ورتي آهي. خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي حريم شاهه شادي جي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته هن پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي ميمبر سان شادي ڪري ورتي آهي پر حريم شاهه في الحال مڙس جو نالو ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو.

حريم شاهه جو چوڻ هو ته مان مڙس جو نالو ۽ شادي جي تفصيلن جي حوالي سان جلد ئي مداحن کي آگاهي ڏيندس. ٽڪ ٽاڪ اسٽار وڌيڪ چيو ته منهنجي شادي هڪ هفتو اڳ ٿي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل عروسي لباس ۾ تصوير اصل ۾ منهنجي شادي جي ئي آهي. حريم شاهه وڌيڪ چيو ته مان جلد ترڪي به ويندس.

واضح رهي ته تازو ئي حريم شاهه طرفان انسٽاگرام تي به هٿن جي تصوير شيئر ڪندي خدا جو شڪر ادا ڪيو ويو هو. حريم تصوير جي ڪيپشن ۾ الحمدالله لکيو هو پر ٽڪ ٽاڪ اسٽار اهو واضح ناهي ڪيو ته جنهن جو هٿ هن پڪڙيو آهي اهو ان جو مڙس آهي يا ڪو ٻيو. پر هاڻ حريم جي اڪائونٽ تان ان پوسٽ کي ڊيليٽ ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ حريم شاهه بابت پرڏيهي ويب سائٽ دعويٰ ڪئي هئي ته حريم جي ان کان اڳ هڪ شادي ان جي سئوٽ سان ٿي هئي جنهن مان حريم جي ڌيءَ به آهي پر حريم شاهه خانگي چينل سان ڳالهين ۾ ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هي ان جي پهرين شادي آهي.

Read Previous

هڪ به آمريڪي فوجي افغانستان ۾ موجود رهيو ته رد عمل جو حق رکون ٿا: طالبان

Read Next

تحريڪ انصاف اڳواڻ فردوس شميم نقوي سنڌ اسيمبلي رڪنيت تان استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular