افغان طالبان ملڪ جي وڌيڪ 13 ضلعن تي قبضو ڪري ورتو

افغانستان ۾ طالبان ۽ افغان فورسز ۾ ويڙهه شدت اختيار ڪري وئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب طالبان گذريل 24 ڪلاڪن دروان افغانستان جي وڌيڪ 13 ضلعن تي قبضو ڪري ورتو آهي.

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن وقت تائين افغانستان جي گادي جي هنڌ ڪابل ۽ 34 صوبائي حڪومتن کانسواءِ ٽوٽل 372 ضلعن منجهان 110 تي طالبان پاران قبضو ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن افغانستان جي بچاءَ واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته 24 ڪلاڪن دوران سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپن ۾ 224 طالبان مارجي ويا آهن.

Read Previous

مريم نواز سان گڏ شهباز شريف جو به ڪشمير چونڊ مهم ۾ لَهڻ جو فيصلو

Read Next

”ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان ته سمورا سوشل ميڊيا اڪائونٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيان“

Most Popular