”ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان ته سمورا سوشل ميڊيا اڪائونٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيان“

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي باصلاحيت اداڪارا صبور علي چيو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن منهنجي دل چوندي آ سمورا سوشل ميڊيا اڪائونٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيان.

پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي مقبول اداڪارا سجل علي جي ڀيڻ ۽ ورسٽائل اداڪارا صبور علي چيو ته سوشل ميڊيا تي توهان ڀلي ڪجهه سٺو پوسٽ ڪيو يا خراب، ماڻهن کي تنقيد لازمي ڪرڻي هوندي آهي.

هن چيو منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي ذاتي زندگي کي سوشل ميڊيا تي شيئر نه ڪيان ته جيئن ماڻهن جي تنقيد کان بچي سگهان ۽ رڳو هاڪاري شين کي ئي پوسٽ ڪيان.

Read Previous

افغان طالبان ملڪ جي وڌيڪ 13 ضلعن تي قبضو ڪري ورتو

Read Next

18 ورهين جي ايما ريڊوڪانو پهرين ئي گرينڊ سليم ٽورنامينٽ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

Most Popular