پي ڊي ايم نيوٽرل ايمپائر مان ڊنل آهي: فردوس عاشق اعواڻ

پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ن ليگ بند ڪمرن ۾ پيرين پوندي آهي ۽ سياسي جلسن ۾ ڳچيءَ ۾ پوندي آهي.

ڊي جي پي آر آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اندرين ويڙهه ۾ ن ليگ بي نقاب ٿي چڪي آهي جڏهن ته پي ڊي ايم ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهي ٿي.

هن چيو ته شفاف اليڪشن جي لاءِ اليڪٽرانڪ سسٽم آندو پيو وڃي، پنجاب ۾ گرمي پوڻ سبب سوات ۾ سياست چمڪائي وئي، مخالف ڌر هميشه فڪسڊ ميچ کيڏي جڏهن ته پي ڊي ايم نيوٽرل ايمپائر مان ڊنل آهي.

خاص مددگار وڌيڪ چيو ته اي روزگار اسڪيم مان نوجوانن کي گهر ويٺي روزگار جا موقعا فراهم ٿيندا.

Read Previous

قوم پرستن سان ڳالهه ٻولهه جي ايجنڊا طئي ڪئي ويندي: فواد چوڌري

Read Next

سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

Most Popular