قوم پرستن سان ڳالهه ٻولهه جي ايجنڊا طئي ڪئي ويندي: فواد چوڌري

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته بلوچستان وزيراعظم جي دل جي ويجهو آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته بلوچستان ۾ ڀارت جو دهشتگردي جو نيٽ ورڪ گهڻي حد تائين ٽوڙيو ويو آهي، هاڻ قوم پرستن سان ڳالهه ٻولهه جي ايجنڊا طئي ڪئي ويندي.

هن چيو ته بلوچستان ۾ وفاقي حڪومت 731 اربن جا 131 منصوبا مڪمل ڪندي، بلوچستان حڪومت جو ترقياتي پروگرام رڳو هن سال 180 اربن جو آهي.

Read Previous

وزيراعظم جو اڳتي ڪنهن به نجي تقريب ۾ پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي سان گڏ نه وڃڻ جو اعلان

Read Next

پي ڊي ايم نيوٽرل ايمپائر مان ڊنل آهي: فردوس عاشق اعواڻ

Most Popular