پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ انگلش اسڪواڊ جو اعلان، وڏن نالا شامل

پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ انگلش اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪپتان اين مورگن سميت 9 رانديگرن جي واپسي ٿي آهي.

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات 16 جولاءِ کان ٿيندي ۽ ڪورونا سبب ون ڊي سيريز نه کيڏي سگهندڙ ڪپتان اين مورگن سميت 9 رانديگرن جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.

ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اعلانيل انگلش اسڪواڊ ۾ اين مورگن (ڪپتان)، معين علي، جوني بيئراسٽو، جيڪ بال، ٽام بنٽن، جوز بٽلر، ٽام ڪيوران، لوئس گريگوري، ڪرس جارڊن، ليام ليونگسٽن، ثاقب محمود، ڊيوڊ ملان، ميٽ پارڪنسن، عادل رشيد، جيسن راءِ ۽ ڊيوڊ ويلي شامل آهن.

Read Previous

آمريڪا افغانستان مان 95 سيڪڙو فوج ڪڍي ڇڏي

Read Next

عائزا خان به ماڌوري جي مداح نڪتي، ملڻ جي خواهشمند

Most Popular