افغانستان جا پاڪستان تي دراندازي جا الزام بي بنياد آهن: ڊي جي آءِ ايس آءِ

ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد چيو آهي ته دهشتگردن جا سمورا مرڪز افغانستان ۾ موجود آهن.

انٽر سروسز انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر جنرل ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ۾ چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي، افغانستان طرفان پاڪستان تي دراندازي جا الزام بي بنياد آهن، حقيقت ۾ دراندازي افغانستان مان ٿي رهي آهي.

ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد چيو ته افغانستان ۾ ڪنهن ڌڙي جي حمايت نه پيا ڪيون، پاڪستان علائقائي سيڪيورٽي، واپار جي لاءِ خطي ۾ وڏي مقصد لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.

دهشتگردي جا سمورا مرڪز افغانستان ۾ موجود آهن، اسان جي جوانن کي پاڪ افغان بارڊر بڻايو پيو وڃي، پاڪستان موقف واضح طور تي پيش ڪيو آهي، اهڙا الزام لڳندا رهيا ته حالتون بهتر نه ٿي سگهنديون.

Read Previous

تاشقند کان گوادر تائين ٽرين سروس شروع ڪرڻ چاهيون ٿا: فواد چوڌري

Read Next

فلڪ مون کي اوچتو پرپوز ڪيو هو: سارا خان

Most Popular