فلڪ مون کي اوچتو پرپوز ڪيو هو: سارا خان

من موهڻي اداڪارا سارا خان انڪشاف ڪيو آهي ته سالگرهه ڏينهن فلڪ جو پرپوز ڪرڻ مون لاءِ سرپرائز هو.

سارا خان ڪجهه وقت اڳ هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شريڪ ٿي، جتي هن گلوڪار فلڪ شبير سان شادي جي موضوع تي تفصيلي گفتگو ڪئي.

هن ٻڌايو ته سالگرهه ڏينهن پرپوز ڪرڻ جو پلان فلڪ شبير ڀيڻن نور ۽ عائشا سان گڏجي ٺاهيو هو، هن آتشبازي ڪرائي، مون کي منڊي پارائي، جنهن جي مون کي اميد نه هئي.

سندس چوڻ هو ته هر ڇوڪري چاهيندي آهي ان کي پرپوز ڪيو وڃي، مون کي فلڪ جو اهو انداز ڏاڍو وڻيو.

Read Previous

افغانستان جا پاڪستان تي دراندازي جا الزام بي بنياد آهن: ڊي جي آءِ ايس آءِ

Read Next

نيب ڪراچي تعليم ۽ صحت کاتي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular