آزاد ڪشمير ۽ سنڌ ۾ به اسان جي حڪومت ايندي: شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ وارا آهيون، جلد سنڌ ۾ به اسان جي حڪومت هوندي.

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد لال حويلي ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ واري آهي، سنڌ ۾ به جلد اسان جي حڪومت اچڻ واري آهي.

هن چيو پنڊي شهر ثابت ڪيو ته عمران خان سان گڏ آهي، اليڪشن ۾ پهريون ڀيرو تحريڪ انصاف پنڊي ۾ ڪاميابي ماڻي آهي، ڪيش گروپ هارائي ويو آهي ۽ بيٽ ڪامياب ٿي وئي آهي، هاڻي شهر کي ترقي ڏينداسين.

Read Previous

حڪومت سان گڏ مخالف ڌر پڻ مونجهاري جو شڪار آهي: مراد علي شاهه

Read Next

عائزا خان ڪورونا جا ٻئي ڊوز لڳرائي ڇڏيا

Most Popular