حڪومت سان گڏ مخالف ڌر پڻ مونجهاري جو شڪار آهي: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مخالف ڌر جماعتن کي حڪومت خلاف ٻيهر متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي.

ڀان سيد آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته حڪومت سان گڏوگڏ مخالف ڌر پڻ مونجهاري جو شڪار لڳي رهي آهي، پي ڊي ايم جو بنياد بلاول ڀٽو زرداري نااهل حڪومت مان جان ڇڏائڻ لاءِ وڌو پر ڪجهه پارٽين وفاقي حڪومت کان استعيفيٰ گهرڻ بدران پ پ چيئرمين کان ميمبر شپ تان استعيفيٰ جي گهر ڪئي.

هن چيو ته مخالف ڌر پارٽين کي هڪ دفعو ٻيهر متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته هن وفاقي حڪومت مان اها اميد نه آهي ته اها غريب عوام جا مسئلا حل ڪري سگهندي.

Read Previous

مختلف تڪن مان بي ضابطگين جون شڪايتون مليون آهن: مريم اورنگزيب

Read Next

آزاد ڪشمير ۽ سنڌ ۾ به اسان جي حڪومت ايندي: شيخ رشيد

Most Popular