آمريڪي رياست الاسڪا ۾ زلزلي جا لوڏا، سونامي جي وارننگ جاري

آمريڪي رياست الاسڪا  جي ويجهو سمنڊ ۾ 8.2 شدت جي زلزلي کان پوءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.

آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب الاسڪا رياست جي ويجهو سمنڊ ۾ 8.2 شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو پر ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي ڪابه اطلاع ناهي ملي. زلزلي جو مرڪز 91 ڪلو ميٽر پري ۽ گهرائي 29 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته زلزلي کان پوءِ الاسڪا رياست جي لاءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.

آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب هينئر تائين زلزلي جا 2 آفٽر شاڪس اچي چڪا آهن جنهن جي شدت 6.2 ۽ 5.6 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پوليس ڪوڊيڪ ڳوٺ جي رهواسين کي ڪنهن محفوظ هنڌ طرف منتقل ٿيڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

Read Previous

”وفاقي ڪابينا جا 44 سيڪڙو ميمبر اڻ چونڊيل آهن“

Read Next

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جو سيڪيورٽي وفد ايندڙ مهيني پاڪستان پهچندو

Most Popular