”وفاقي ڪابينا جا 44 سيڪڙو ميمبر اڻ چونڊيل آهن“

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ محمد زبير چيو آهي ته ارباب غلام رحيم وفاقي ڪابينا جو 53هون ميمبر بڻجي ويو آهي، وفاقي ڪابينا جا 44 سيڪڙو ميمبر اڻ چونڊيل آهن.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي جاري بيان ۾ محمد زبير چيو ته ارباب غلام رحيم وفاقي ڪابينا جو 53هون ميمبر بڻجي ويو آهي، هي شايد اسان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڪابينا آهي.

هن چيو ته وفاقي ڪابينا جا 44 سيڪڙو ميمبر اڻ چونڊيل آهن، هي به تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته موجوده وفاقي ڪابينا جا 17 ميمبر مشرف حڪومت جو حصو هئا.

Read Previous

امن چاهيون ٿا، طالبان سان ڪو واسطو ناهي: وزيراعظم

Read Next

آمريڪي رياست الاسڪا ۾ زلزلي جا لوڏا، سونامي جي وارننگ جاري

Most Popular