واپاري تنظيم سنڌ حڪومت جو لاڪ ڊائون وارو فيصلو رد ڪري ڇڏيو

An overview of Bara market as people shop for supplies ahead of Ramadan in Rawalpindi, Pakistan, June 1, 2016. (Photo by Faisal Mahmood/Reuters)

آل پاڪستان انجمن تاجران جي صدر اجمل بلوچ سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

اجمل بلوچ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس کي ڦهلجڻ کان روڪڻ ۾ ناڪام وئي آهي، سنڌ حڪومت تاجرن جي ويڪسين وارو عمل هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪري ۽ ڪورونا تي ضابطو ڪرڻ جي ناڪامي ۾ تاجرن تي ظلم نه ڪيو وڃي.

انجمن تاجران جي صدر جو چوڻ هو ته تاجرن کي تڪليفن ۾ نه وڌو وڃي اسان کي ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، تاجرن کي معاشي طور تي ڪمزور ڪرڻ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهي، ڪراچي ملڪ جو ڪاروباري حب آهي لاڪ ڊائون جي ڪري صورتحال جو اثر سڄي ملڪ تي پوندو.

Read Previous

پاڪستان: ڪورونا جي لهر ۾ تيزي، وڌيڪ 86 فوتگيون ۽ 4500 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

Read Next

جنسي زيادتي تي وزيراعظم جو بيان، ماهره خان جو رد عمل سامهون اچي ويو

Most Popular