هڪ ڏينهن ۾ ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو نئون رڪارڊ قائم

ملڪ ۾ هڪ ڏينهن ۾ ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو نئون رڪارڊ بڻجي ويو.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر ٻڌايو ته گذريل ڏينهن 10 لک 72 هزار 342 ڄڻن کي ويڪسين لڳائي وئي.

ملڪ ۾ هن وقت تائين 3 ڪروڙ 19 لک 29 هزار 581 ويڪسين جون خوراڪون لڳي چڪيون آهن.

اسد عمر ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ شهرين جي ڪورونا ويڪسينيشن مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ اسلام آباد پاڪستان جو پهريون شهر آهي جتي ويڪسين مهم تيزي سان جاري آهي جڏهن ته پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ رڪارڊ ويڪسين لڳائي وئي آهي.

اسد عمر موجب پشاور، راولپنڊي ۾ 35، 35 سيڪڙو، فيصل آباد ۾ 28 سيڪڙو ۽ ڪراچي ۾ 26 سيڪڙو شهرين کي ويڪسين لڳائي وئي آهي.

Read Previous

شايد شاداب خان مون کي پسند ڪندو آهي: ڪنزيٰ هاشمي

Read Next

وزيراعظم هائوس کي آمدني جو ذريعو بڻائڻ جو فيصلو

Most Popular