پرڏيهي امداد تي ڀاڙڻ سبب ملڪ ڪمزور ٿيو: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي جنهن تيز رفتاري سان اڳتي وڌڻ گهربو هو ان سان نه وڌيو پر الله جي ڪرم سان ملڪ درست رستي تي هلي پيو آهي.

وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو، جتي هن شپ يارڊ ۾ شپ لفٽ اينڊ ٽرانسفر سسٽم جو افتتاح ڪيو، جتي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزير ۽ ٻيا به موجود هئا.

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته سهاري تي هلڻ سان ڪمزوري ٿي ويندي آهي، پرڏيهي امداد تي ڀاڙڻ سبب ملڪ ڪمزور ٿيو، هاڻ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، الله جو ڪرم آهي ته پاڪستان صحيح رستي تي هلي پيو آهي.

هن چيو ته اسان جو رڪارڊ خسارو گهٽ کان گهٽ ٿي ويو آهي، مني لانڊرنگ روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪوشش آهي ته غير قانوني طور تي ڊالر ملڪ کان ٻاهر نه وڃي، سڄي دنيا ۾ ڪرپٽ حڪمران پئسو ملڪ کان ٻاهر موڪليندا آهن، اها سڀ اسان جي ذميواري آهي ته ملڪ جو پئسو ٻاهر موڪلڻ کان بچائڻو آهي.

Read Previous

محرم الحرام دوران سمورا عزادار ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪن: شيخ رشيد

Read Next

ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ قومي ٽيم جميڪا پهچي وئي

Most Popular