جنگ جي خاتمي جو اعلان، طالبان عالمي طاقتن سان گڏ هلڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

ڪابل تي حملي ۽ افغانستان جي وڏي حصي تي عملداري قائم ڪرڻ کانپوءِ طالبان عالمي برادري سان گڏ هلڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو.

طالبان جي سياسي آفيس جي ترجمان محمد نعيم پرڏيهي ميڊيا اداري الجزيرا کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته افغانستان ۾ جنگ ختم ٿي وئي، هاڻي ملڪ ۾ نئين حڪومتي نظام جي صورت جلد واضح ٿي ويندي.

هن چيو ته اڄ طالبان کي 20 سالن جي جدوجهد ۽ قربانين جو سِلو ملي ويو آهي، طالبان ڪنهن کي به نقصان پهچائڻ نٿا چاهين، سموري افغان اڳواڻن سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون ۽ هر قدم ذميواري سان کڻنداسين، طالبان عالمي برادري جي خدشن بابت به ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهن.

ترجمان جو چوڻ هو ته ڪنهن کي به افغانستان جي سرزمين ڪنهن جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، طالبان ڪنهن ٻئي ملڪ جي مسئلن ۾ مداخلت نه ڪندا انڪري چاهيون ٿا ته ڪو ٻيو ملڪ به اسان جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري، اميد آهي ته غير ملڪي طاقتون افغانستان ۾ پنهنجا ناڪام تجربا ٻيهر نه ورجائينديون.

ان کان سان طالبان شهرين ۽ سفارتي مشنز کي حفاظت فراهم ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي آزادي جو مقصد حاصل ڪري چڪا آهيون، سمورن افغان اڳواڻن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون ۽ انهن جي حفاظت جي ضمانت ڏيون ٿا، اشرف غني جي فرار ٿيڻ جي اميد نه هئي.

سندس چوڻ هو ته عالمي برادري سان پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا، ڪنهن به سفارتي اداري يا هيڊڪوارٽر کي نشانو ناهي بڻايو ويو. سمورن ملڪن ۽ طاقتن کي چئون ٿا ته اهي ڪنهن به مسئلي جي حل لاءِ اسان سان گڏ ويهن، طالبان پرامن لاڳاپن جي خواهش رکن ٿا، عورتن ۽ اقليتن کي حق ۽ آزادي جو شعوري موجب خيال ڪيو ويندو.

هوڏانهن افغانستان جي سياسي ونگ جي سربراهه ملا عبدالغني برادر اخوند چيو آهي ته الله تعاليٰ جي مدد سان سوڀ ملي آهي، جهڙي ريت ڪاميابي ملي ان جو سوچو ئي نه هو.

سياسي آفيس جي ترجمان محمد نعيم ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ملا عبدالغني برادر جو وڊيو بيان جاري ڪيو آهي.

ان سان گڏ ڪابل ايئرپورٽ تي اتفراتفري جو صورتحال ڏٺي وئي.

سوشل ميڊيا تي ڪابل شهر ۽ ايئرپورٽ جا ڪجهه منظر سامهون آيا آهن جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شهر ۾ ڪيتري قسم جي افراتفري وارو ماحول برپا آهي، طالبان جي قبضي کانپوءِ شهري شهر کي جلد کان جلد ڇڏڻ چاهين ٿا.

ٻئي پاسي اڳوڻي صدر حامد ڪرزئي چيو آهي ته هو ملڪ نه ڇڏيندو پر ملڪ ۾ ئي رهندو.

هن افغانستان ڇڏڻ واري خبرن جي ترديد ڪندي پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو ملڪ ۾ ئي رهندو.

سندس چوڻ هو ته ماڻهو گهرن ۾ ئي رهن، ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

ٻئي پاسي غيرملڪي خابرو اداري موجب طالبان صدارتي محل تي قبضو ڪري ورتو آهي.

صدارتي محل تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ طالبان اڳواڻن جي هڪ گروپ ميڊيا جي لاءِ پيغام به جاري ڪيو آهي.

هوڏانهن اهڙي صورتحال جي ڪري ڪابل ۾ ڪيترائي غير ملڪي سفارتخانا بند ڪيا ويا آهن.

ان حوالي سان ڪينيڊا به عارضي طور پنهنجو سفارتخانو بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته عملي کي اڳواٽ ئي واپس گهرايو ويو هو.

ان کانسواءِ جرمني، فرانس ۽ نيدر لينڊز ڪابل ۾ پنهنجي سفارتخاني جي عملي جي نيڪالي لاءِ ڪابل ايئرپورٽ پهچائي ڇڏيو آهي.

هوڏانهن برطانيا افغانستان مان پنهنجي 3 هزار شهرين کي ڪڍڻ لاءِ 600 فوجي مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

انکانسواءِ سعودي عرب به افغانستان مان پنهنجي عملي کي واپس گهرائي ورتو آهي.

سعودي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ڪابل ۾ سعودي سفارتخاني جي سموري سفارتڪارن کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي، سمورو سعودي سفارتي عملو سعودي عرب پهچي چڪو آهي.

آمريڪا ۽ اتحادين سميت 65 ملڪن جو گڏيل بيان

ان حوالي سان آمريڪا ۽ اتحادين سميت 65 ملڪن هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو آهي.

آمريڪي پرڏيهي اداري اتحادين طرفان صحيح ڪيل بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان مان نڪرندڙ افغاني شهرين ۽ غيرملڪين کي نڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

آمريڪي پرڏيهي وزير چيو آهي ته انساني زندگي جي تحفظ جا ذميوار ۽ ضامن افغانستان ۾ طاقت ۽ اختيار رکڻ وارا آهن.

Read Previous

مواڇ ڳوٺ واقعو: مارجي ويل عورتن ۽ ٻارڙن جي جنازي نماز ادا، ڪيس ۾ اڳڀرائي

Read Next

افغانستان تي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس، شيخ رشيد جي اهم ڳالهه ٻولهه

Most Popular