موقعو مليو ته ڪراچي کي پئرس بڻائي ڇڏينداسين: شهباز شريف

ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن اسان کي موقعو مليو ته ڪراچي کي پئرس بڻائي ڇڏينداسين.

قائداعظم جي مزار تي حاضري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته حڪومت سان مفاهمت ۽ مزاحمت بدران رڳو شفاف چونڊن جو مطالبو ٿا ڪيون.

هن چيو ته موجوده حڪومت چور دروازي کان آئي آهي، ملڪي تاريخ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي جيتري سپورٽ تحريڪ انصاف کي ملي ٻي ڪنهن حڪومت کي نه ملي پر پوءِ به نالائق حڪومت فائدو نه کڻي سگهي.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو ويو، جيڪڏهن اسان کي موقعو مليو ته ڪراچي کي پئرس بڻائي ڇڏينداسين، جڏهن ته ڪا هڪ جماعت ملڪ جا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي، ملڪ کي پيش مسئلن جو حل قومي حڪومت قائم ڪرڻ ۾ آهي، ايندڙ چونڊن ۾ اسان کي موقعو مليو ته قومي حڪومت ٺاهينداسين.

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته افغانستان جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي ۽ افغانستان ۾ افغان عوام کي پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪرڻو آهي.

Read Previous

”سپريم ڪورٽ ڪو ڪسينو ناهي جو نيب ملازم ان تي حملو ڪن“

Read Next

سپريم ڪورٽ طرفان وضاحت طلب ڪرڻ تي نيب حرڪت ۾ اچي ويو

Most Popular