”سپريم ڪورٽ ڪو ڪسينو ناهي جو نيب ملازم ان تي حملو ڪن“

جسٽس منيب اختر

نيب طرفان سپريم ڪورٽ جي احاطي مان جوابدار جي گرفتاري تي ورتل نوٽيس بابت ڪيس ۾ قائم مقام چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آهن ته سپريم ڪورٽ ڪو ڪسينو ناهي جو نيب ملازم ان تي حملو ڪن.

مضاربه اسڪينڊل ۾ نامزد جوابدار سيف الرحمان خان جي عدالت مان گرفتاري تي ورتل نوٽيس تي ٻڌڻي قائم مقام چيف جسٽس جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ٿي.

قائم مقام چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته نيب شهرين کي خوفزده ڪري ريڪوري نٿو ڪري سگهي، نيب جوابدار کي سپريم ڪورٽ جي احاطي مان ڊراماني انداز ۾ کنيو، ايڏي تڪڙ ڇا جي هئي؟

سپريم ڪورٽ ۾ پراسيڪيوٽر جنرل نيب ٻڌايو ته سيف الرحمان هاءِ ڪورٽ طرفان ضمانت رد ٿيڻ فرار ٿي ويو هو، نيب سيف الرحمان جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پر ڪامياب نه ٿي سگهيو.

عدالت جي حڪم تي جوابدار سيف الرحمان خان کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ 10 لک رپين جي مچلڪن عيوض سندس عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي.

Read Previous

تعليمي ادارا کُلندي ئي سردار شاهه وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

Read Next

موقعو مليو ته ڪراچي کي پئرس بڻائي ڇڏينداسين: شهباز شريف

Most Popular