ڪابل ايئرپورٽ تي راڪيٽن سان حملا

ڪابل جي حامد ڪرزئي ايئرپورٽ تي اڄ وري راڪيٽ حملا ڪيا ويا.

پرڏيهي ميڊيا موجب سومر جي صبح ڪابل جي حامد ڪرزئي ايئرپورٽ تي 5 راڪيٽ فائر ڪيا ويا، جن کي آمريڪا طرفان نصب ڪيل دفاعي نظام ناڪارا بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته راڪيٽ حملن ۾ ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.

هوڏانهن آمريڪي اختيارين راڪيٽ حملن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته حملا داعش خراسان گروپ طرفان ڪيا ويا، ميزائل ڊفينس سسٽم سان راڪيٽ حملن کي روڪيو ويو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڪابل ايئرپورٽ ڀرسان راڪيٽ حملو، 2 ڄڻا مارجي ويا

واضح رهي ته گذريل ڏينهن به آمريڪا ڪابل ۾ هڪ ڊرون حملي ۾ داعش خراسان جي آپگهاتي بمبار کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، جڏهن ته فضائي حملي ۾ 6 ٻارن سميت 8 ڄڻن جي مارجڻ جا به اطلاع هئا.

ان ڏس ۾ آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته حملي ۾ عام شهرين جي مارجڻ جي حوالي سان جاچ ڪري رهيا آهيون.

ان کان هڪ ڏينهن اڳ به آمريڪا هڪ ڊرون حملي ۾ ڪابل ايئرپورٽ تي حملي جي رٿابندي ڪندڙ داعش خراسان جي دهشتگرد کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪابل ايئرپورٽ تي داعش جي حملي ۾ 170 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ سوين زخمي ٿيا هئا.

Read Previous

سپريم ڪورٽ طرفان وضاحت طلب ڪرڻ تي نيب حرڪت ۾ اچي ويو

Read Next

وسيم اڪرم کي، زال گهر نه اچڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

Most Popular