وسيم اڪرم کي، زال گهر نه اچڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

قومي ڪرڪيٽ جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم کي سندس گهرواري شنيرا اڪرم وڏي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.

وسيم اڪرم ۽ شنيرا اڪرم ۾ هڪٻئي سان محبت جي حوالي سان ميڊيا ۾ خبرون اينديون رهيون آهن.

ڪيترائي ڀيرا شنيرا اڪرم پنهنجي وَرَ وسيم اڪرم تي ڀروسي ۽ ان سان ويجهڙائپ جي حوالي سان بيان ڏئي چڪي آهي.

هن وقت تائين خبرن ۾ شنيرا اڪرم ۽ وسيم اڪرم ۾ ڪنهن به قسم جي تلخ ڪلامي يا جهيڙن جي حوالي سان ڪو به واقعو رپورٽ ناهي ٿيو، تنهن باوجود هي پهريون ڀيرو آهي جڏهن شنيرا اڪرم پنهنجي مڙس وسيم اڪرم کي گهر نه اچڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.

گذريل ڏينهن ئي وسيم اڪرم سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو جاري ڪندي پنهنجي مداحن کي پنهنجي نئين روپ بابت آگاهي ڏني هئي.

ياد رهي ته وسيم اڪرم پنهنجي گهرواري شنيرا اڪرم ۽ ڌيءَ سان ملڻ لاءِ 11 مهينن کانپوءِ آسٽريليا ويو آهي جتي قرنطينا ۾ موجود آهي، وسيم اڪرم کي قرنطينا ۾ 8 ڏينهن گذري چڪا آهن ۽ هو هڪ ڪمري ۾ موجود آهي، مٿان واري سندس گهرواري جي اهڙي ڌمڪي اچي وئي آهي.

شيئر ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو اڳوڻو ڪپتان وسيم اڪرم قرنطينا ۾ مٽجي ويو آهي ۽ هن مڇيون رکي ڇڏيون آهن.

وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سندس مداحن ۽ سوشل ميڊيا واهپيدارن اڳوڻي ڪپتان جي ان روپ کي گهڻو پسند ڪيو آهي ۽ انتي مختلف تبصرا ڪيا پيا وڃن.

Read Previous

ڪابل ايئرپورٽ تي راڪيٽن سان حملا

Read Next

آمنا الياس نوجوان کي لَت وهائي ڪڍي

Most Popular