سڌارت شڪلا جو موت، شهناز گِل جي حالت خراب

بگ باس سيزن 13 جو فاتح سڌارت شڪلا دل جو دورو پوڻ سبب ديهانت ڪري ويو آهي.

اهڙي اوچتي خبر پوڻ تي اداڪار جي ويجهي دوست شهناز گِل جي حالت خراب ٿي وئي آهي.

واضح رهي ته ڀارت جي مشهور ترين ريئلٽي شو بگ باس جي سيزن 13 کان خبرن جو حصو بڻجندڙ پنجابي سنگر ۽ اداڪارا شهناز گِل بابت اهي به خبرون اينديون رهيون آهن ته هن پنهنجي ويجهي ساٿي سڌارت شڪلا سان شادي ڪري ڇڏي آهي.

هاڻي اوچتو موت جي خبر کيس سخت ڏک رسايو آهي، ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب شهناز گِل جي پيءُ ٻڌايو ته شهناز جي حالت خراب آهي هوءَ پنهنجا حواس وڃائي ويٺي آهي.

شهناز گِل جي پيءُ ٻڌايو ته مان لڳاتار ساڻس فون تي رابطي ۾ آهيان پر سڀني جي حالت خراب آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته شهناز جو ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سان ملڻ لاءِ نڪري چڪو آهي، اهو جلد وٽس پهچي ويندو.

واضح رهي ته هلندڙ سال ڀارتي ميڊيا رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته بگ باس جي سيزن 13 ۾ پهريون ڀيرو ملاقات ڪندڙ جوڙي شهناز گِل ۽ سڌارت شڪلا گذريل سال ڊسمبر ۾ شادي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته هنن پنهنجي ازدواجي زندگي ميڊيا کان لڪائي رکي آهي ته جيئن ٻئي اداڪار پنهنجي ڪيريئر تي ڌيان ڏئي سگهن.

تنهن هوندي به هن وقت تائين ٻنهي اداڪارن طرفان اهڙن خبرن جي تصديق توڙي ترديد نه ڪئي وئي هئي.

اهو ٻڌائيندا هلون ته شهناز گِل ۽ سڌارت شڪلا جي پهرين ملاقات بگ باس جي سيزن 13 ۾ ٿي هئي جنهن دوران انهن جي دوستي ٿي وئي ۽ انکانپوءِ ٻنهي جي دوستي محبت ۾ تبديل ٿي وئي هئي.

سڌارت شڪلا بگ باس سيزن 13 جو فاتح بڻيو هو جڏهن ته شهناز گِل فائنل کان اڳ ئي گهر مان بيدخل ٿي وئي هئي.

شهناز گِل ڪيترن ئي هِٽ ميوزڪ ويڊيوز ۾ نظر اچي چڪي آهي، مختلف گيتن ۾ شهناز گِل ۽ سڌارت شڪلا جي ڪيميسٽري کي پسند ڪيو ويندو آهي.

شهناز گِل ۽ سڌارت شڪلا ٻن ميوزڪ وڊيوز ۾ گڏ نظر اچي چڪا آهن، هڪ درشن راول جو ”ڀلا دون گا“ ۽ ٻيو ٽوني ڪڪڙ جو ”شونا شون“ ۽ ٻئي گيت هٽ رهيا آهن.

Read Previous

دپيڪا پڊوڪون جي 4 سالن کان پوءِ هالي ووڊ ۾ واپسي

Read Next

قابض ڀارتي فوج علي گيلاني جو مڙهه تحويل ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ دفنائي ڇڏيو

Most Popular