طالبان جي پنجشير جي سڀني ضلعن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي دعويٰ

طالبان افغانستان جي صوبي پنجشير جي سڀني ضلعن تي ڪنٽرول جي دعويٰ ڪري ڇڏي.

افغان ميڊيا رپورٽن موجب افغان طالبان جي ثقافتي ڪميشن جي نائب سربراهه احمد واثق دعويٰ ڪئي آهي ته طالبان پنجشير وادي جي سڀني ضلعن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي.

طالبان چيو آهي ته وچ پنجشير واري هنڌ مزاحمتي فورس سان جنگ جاري آهي، گڏوگڏ طالبان وڏي انگ ۾ مزاحمتي فورس جا هٿيار به قبضي ۾ وٺڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

هوڏانهن مزاحمتي فورس جي ترجمان فهيم دشتي طالبان جي اهڙي دعويٰ جي ترديد ڪئي آهي.

Read Previous

”گيلاني جو مڙهه کسڻ ۽ گهر ڀاتين خلاف ڪيس ڀارتي فاشزم جو شرمناڪ مثال آهي“

Read Next

اقرا عزيز جي تبصري تي شرميلا فاروقي کي سخت جوابَ

Most Popular