اقرا عزيز جي تبصري تي شرميلا فاروقي کي سخت جوابَ

گذريل ڏينهن اداڪارا اقرا عزيز پنهنجي مڙس اداڪار ياسر حسين جي هڪ تصوير شيئرڪئي هئي جنهن تي شرميلا فاروقي تبصرو ڪيو هو.

اقرا عزيز طرفان شيئر ڪيل تصوير ۾ ياسر حسين پنهنجي پُٽ جا ڪپڙا مٽائي رهيو هو.

جنهن تي پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي تبصرو ڪندي لکيو هو ته ”اها ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي؟“

هن لکيو هو ته مرد کي عورت جي ڪم ۾ هٿ ونڊرائڻ گهرجي اهو ان جو فرض آهي.

شرميلا فاروقي پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ لکيو ته مان جڏهن بيمار ٿيندي آهيان يا ڪنهن ڪم ڪار ۾ مصروف هوندي آهيان ته منهنجو مڙس به ٻارن جو خيال ڪندو آهي اهو انهن کي اسڪول وٺي ويندو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ منهنجي مڙس کي پسند به آهي.

شرميلا فاروقي لکيو ته ان ۾ ڪا فخر جي ڳالهه ته ناهي؟، اهو ڪو اسپيشل ڪم ناهي جيڪو توهان جي مڙس ڪيو.

شرميلا فاروقي جي ان تبصري تي اداڪار ياسر حسين ۽ اداڪارا اقرار عزيز سخت جواب ڏنو آهي.

هنن تبصري جو جواب ڏيندي چيو ته رڳو سياست ڪري ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙڻ سان ڪو مسئلو ناهي.

ياسر حسين پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي شرميلا فاروقي جي ٻار جو ڊائيپر مڻائڻ واري اقرار عزيز جي پوسٽ تي تبصري جو رد عمل ڏنو آهي.

Read Previous

طالبان جي پنجشير جي سڀني ضلعن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي دعويٰ

Read Next

اسان پي ايم ڊي اي کي رد ڪيون ٿا: ناصر شاهه

Most Popular