پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدر جي خطاب دوران اپوزيشن جو واڪ آئوٽ

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس سان صدر عارف علوي جي خطاب دوران اپوزيشن واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان، مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف، شاهد خاقان عباسي، چئني صوبن جا گورنر ۽ وڏا وزير به موجود هئا، ان کانسواءِ آزاد ڪشمير جو صدر، سروسز چيفس ۽ مختلف ملڪن جا سفير به مهمانن جي گيلري ۾ موجود هئا.

صدر عارف علوي اجلاس سان خطاب شروع ڪيو ته اپوزيشن ميمبرن ايوان ۾ گوڙ شروع ڪري ڇڏيو ۽ سخت احتجاج ڪيو، جنهن تي صدر ٻيهر پاڻي پيئندي چيو ته مون کي شروع ۾ زور زور سان ڳالهائڻو پيو.

صدر جي خطاب دوران اپوزيشن ميمبرن مسلسل نعريبازي ڪئي ۽ اسپيڪر ڊائس سامهون گڏ ٿي ويا.

اپوزيشن ميمبرن کي پلي ڪارڊ کنيل هئا، جنهن تي آزاد ميڊيا تي حملو نامنظور، ماڻهن جو معاشي قتل بند ڪيو، ميڊيا تي مارشل لا رد ۽ پي ايم ڊي اي کي رد ڪرڻ بابت نعرا لکيل هئا.

پوءِ اپوزيشن ميمبرن صدر جي خطاب دوران ايوان مان ئي واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.

Read Previous

وزيراعظم جي چيني ڪمپنين کي سيڙپڪاري لاءِ سهڪار جي خاطري

Read Next

عمر شريف سڃاڻپ ڪرڻ کان قاصر، دعائن جي اپيل

Most Popular