وزيراعظم جي چيني ڪمپنين کي سيڙپڪاري لاءِ سهڪار جي خاطري

عمران خان

پاڪستان ڪرڪيٽ جي نئين چيئرمين رميز راجا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اڳوڻي آسٽريلوي اوپنر ميٿيو هيڊن ۽ اڳوڻي ڏکڻ آفريقي فاسٽ بالر ورنن فلينڊر کي قومي ٽيم جو ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رميز راجا چيو ته هيڊن جارحاڻي انداز جو بيٽسمين رهيو آهي، فليڊر کي به ڄاڻان ٿو، هو سٺي ان پٽ ڏيندو، بئنڪ الفلاح ٻنهي ڪوچن جو معاوضو ادا ڪندي، انهن سان اسٽريٽيجڪ پارٽنرشپ ٿي آهي، ٻنهي پرڏيهي ڪوچن سان گڏ هڪ پاڪستاني ڪوچ لڳندو.

هن چيو ته ڀارت سان کيڏڻ لاءِ ان جي پويان نه ڀڄنداسين، پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ في الحال ته ممڪن ناهي، اسان کي به کيڏڻ جي تڪڙ ناهي، سياست سبب راندين جا معاملا پري ٿي ويا.

سندس چوڻ هو ته نيوزيلينڊ خلاف هوم سيريز ۾ ڊي آر ايس نه هجڻ مون کي برو لڳو، مان ان معاملي تي ضرور ڳالهائيندس، جڏهن ته ٽيم ۾ مان ڪي تبديليون ناهن ڪيون، اهڙن خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي.

رميز راجا چيو ته عمران خان تمام وڏو ليڊر آهي، هن مون تي اعتماد ڪيو، مصباح ۽ وقار ايمانداري سان ڪم ڪيو، انهن جا به ٿورائتا آهيون، هيءَ پوزيشن آسان ناهي، هيءَ فائرنگ رينج آهي، اسان کي ڪرڪيٽ لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ۽ چئلينج پورا ڪرڻا آهن، ڪامينٽري باڪس آسان پوزيشن آهي، ان کي ڇڏي هتي اچڻ چئلينجنگ آهي.

Read Previous

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدر جي خطاب دوران اپوزيشن جو واڪ آئوٽ

Read Next

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدر جي خطاب دوران اپوزيشن جو واڪ آئوٽ

Most Popular