جعلي ڊگريون: قانون جي تعليم جي معيار تي ڪميٽي لاءِ وڪيلن جا نالا طلب

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ جعلي ڊگري ۽ لا ڪاليجز جي معيار لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو اشارو ڏيندي بار ڪائونسلز کان وڪيلن جا نالا طلب ڪري ورتا.

سپريم ڪورٽ ۾ وڪيلن جي جعلي ڊگرين بابت فيصلي تي عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران قائم مقام چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته عدالت معاملو اڪلائڻ چاهي ٿي، سپريم ڪورٽ رڳو وڪيلن جي مدد ڪري سگهي ٿي.

قائم مقام چيف جسٽس چيو ته ڪيسن کي وڪيلن جو تعليمي معيار بهتر ڪرڻ لاءِ ٻڌو ويو هو، اڃا تائين سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ناهي ٿي سگهيو، پاڪستان بار ڪائونسل کي سڄي عمل جو جائزو وٺڻ گهرجي.

Read Previous

عدليه کي اثاثن بابت جواب ڏيڻو پوندو: اسد عمر

Read Next

افغانستان جي نئين آرمي چيف عهدو سنڀالي ورتو

Most Popular