افغانستان جي نئين آرمي چيف عهدو سنڀالي ورتو

افغانستان جي نئين آرمي چيف قاري فصيح الدين باضابطا طور ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن.

طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ افغانستان جي نگران ڪابينا ۽ ٻين ادارن جي سربراهن جو اعلان ڪيو ويو هو.

ان اعلان موجب طالبان جي سينيئر ڪمانڊر قاري فصيح الدين کي آرمي چيف مقرر ڪيو ويو آهي.

تنهن هوندي به اڄ افغانستان جي سرڪاري نيوز ايجنسي موجب افغان آرمي چيف قاري فصيح الدين پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي آهي ۽ هن باقائدا آفيس وڃڻ به شروع ڪري ڇڏيو آهي.

Read Previous

جعلي ڊگريون: قانون جي تعليم جي معيار تي ڪميٽي لاءِ وڪيلن جا نالا طلب

Read Next

قومي ڪرڪيٽ ٽيم 5 ورهين جو کانپوءِ بنگلاديش جو دورو ڪندي

Most Popular