نيوزيلينڊ وٽ ايتري فورسز ناهي جيتري اسان کين سيڪيورٽي ڏني: شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ملندڙ مبينا ٿريٽ الرٽ بابت سوال اٿاري ڇڏيا.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ٿريٽ الرٽ جو ٻڌائيندڙ 5 ملڪ ان وقت ڪٿي هئا، جڏهن سيڪيورٽي ماهر پاڪستان جو دورو ڪري رهيا هئا ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيم 4 ڏينهن کان راولپنڊي ۾ پريڪٽس ڪري رهي هئي، ان وقت ته ڪو مسئلو نه هو.

هن چيو ته ڪابينا نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، نيوزيلينڊ وٽ ايتري فورسز ناهي جيتري اسان انهن کي سيڪيورٽي ڏني.

سندس چوڻ هو ته اسان سان جيڪو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي اهو ٺيڪ ناهي، اسان جي قربانين جو احترام ڪيو وڃي، سڄي دنيا ۾ اسان جون ايجنسيون مضبوط ترين ۽ سمارٽ ايجنسيون آهن، گهٻرائڻ جي ڳالهه ناهي، قوم کي افسوس ضرور آهي پر هڪ ڏينهن ايندو جڏهن سڀ ٽيمون کيڏڻ اينديون.

Read Previous

عورتون پنهنجو دفاع پاڻ ڪري سگهن ٿيون کين مرد جي ضرورت ناهي: مرزا گوهر رشيد

Read Next

ڪين وليمسن پاڪ – نيوزيلينڊ سيريز رد ٿيڻ کي شرمناڪ قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular