ڪين وليمسن پاڪ – نيوزيلينڊ سيريز رد ٿيڻ کي شرمناڪ قرار ڏئي ڇڏيو

پي سي بي

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن چيو آهي ته نيوزيلينڊ جو پاڪستان دورو جهڙي ريت ختم ٿيو، ان تي سڀني کي افسوس آهي ۽ اها شرم جي ڳالهه آهي، اميد ته دورو ختم ٿيڻ جا ڊگها اثر نه پوندا.

هڪ انٽرويو ۾ ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن چيو ته مون کي نيوزيلينڊ جو پاڪستان دورو ختم ٿيڻ جي معاملي تي وڌيڪ ڄاڻ ناهي پر اهو سڀ ڪجهه اوچتو ٿيو، دبئي ۾ ڪرڪيٽ ليگ لاءِ محدود آهيان، جلد صورتحال بابت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندس.

هن چيو ته رانديگرن جي حفاظت جي وڏي اهميت هوندي آهي ۽ جڏهن حڪومت طرفان پيغام ملن ته صورتحال رانديگرن کان مٿي هلي ويندي آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کي ڏاڍو سپورٽ ڪيو ويندو آهي ۽ اتي ڏاڍو جوش ۽ جذبو هوندو آهي، ٻين ملڪن جيان اتي به انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي گهرج آهي، مون کي ڏاڍو سٺو لڳو هو ته پاڪستان ۾ سيريز ٿي رهي هئي پر اوچتو دورو ختم ٿيڻ افسوسناڪ ۽ شرم جي ڳالهه آهي، اسان جي ٽيم ميدان ۾ لهڻ لاءِ تيار هئي ۽ رانديگر شدت سان سيريز جا منتظر هئا.

ڪين وليمسن چيو اميد ٿو ڪيان ته ان واقعي جا ڊگها اثر نه پوندا ۽ پاڪستان ۾ جلد ڪرڪيٽ ٿيندي، پاڪستان ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ هڪ خاص جاءِ آهي، عالمي ڪرڪيٽ جي واپسي لاءِ پاڪستان وڏا قدم کنيا.

Read Previous

نيوزيلينڊ وٽ ايتري فورسز ناهي جيتري اسان کين سيڪيورٽي ڏني: شيخ رشيد

Read Next

اردو کي سرڪاري ٻولي طور لاڳو نه ڪرڻ تي وفاقي حڪومت کان جواب طلب

Most Popular