ڊپٽي ڪمشنر سجاول محمد اسماعيل ميمڻ سان س سان سورج سجاولي پريس ڪلب جي وفد جي ضلعي ۾ هلندڙ ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان ملاقات

سجاول : (ڊر)ڊپٽي ڪمشنر سجاول محمد اسماعيل ميمڻ سان س سان سورج سجاولي پريس ڪلب جي وفد جي ضلعي ۾ هلندڙ ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان ملاقات، ڊي سي سجاول پاران تمام جلد سجاول جي ضلعي انفرا اسٽڪچر سميت سموريون ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي،سورج سجاولي پريس ڪلب جي وفد جي ضلعي ۾ هلندڙ ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر سجاول محمد اسماعيل ميمڻ سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي ڊي سي سجاول محمد اسماعيل ميمڻ صحافين حافظ سعيد الله ميمڻ، سليم کوسو، نزاڪت شاھ ،گلشير ميربحر، وجاھت شاھ ۽ ٻين سان ڳالھائيندي چيو ته سجاول ضلعي ۾ اربين روپين جي لاڳت سان ترقياتي اسڪيمن جو ڄار وڇايو ويو آهي، جن ۾ ماڊل وليج، اسڪول، روڊ رستا، پيئڻ جي صاف پاڻي جا پلانٽ، اسپورٽس اسٽيڊيم سميت ٻيون بہ ڪافي ترقياتي اسڪيمون شامل آهن جيڪي ڪجهہ عرصي ۾ مڪمل ٿي وينديون جنهن بعد سجاول ضلعي جو نقشو ئي تبديل ٿي ويندو، هن چيو تہ اسان ضلعي سجاول ۾ تعليم جي بهتري لاء وڌ کان وڌ ڪم ڪري رهيا آهيون تمام جلد ضلعي جي سرڪاري اسڪولن ۾ معياري تعليم ڏني ويندي، ڊي سي سجاول جو وڌيڪ چوڻ هو تہ سجاول ضلعي جي نئين آفيسن ۽ ڊي سي ڪامپليس جو ڪم بہ تيزي سان هلندڙ آهي جيڪو ڊسمبر جي مھيني ۾ مڪمل ٿي ويندو جنهن کان پوء هر آفيسر پنهنجي پنهنجي آفيسن ۾ عوامي ڪم ڪارن لاء هر وقت موجود هوندو ۽ عوام کي پنهنجي ڪم ڪار وغيره لاء پريشان نہ ٿيڻو پوندو، ڊپٽي ڪمشنر سجاول محمد اسماعيل ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو تہ اسان جي پوري ڪوشش آهي سجاول ضلعي ۾ وڌ کان وڌ ترقياتي ڪم ڪرائي سجاول کي هڪ شاندار ضلعو بڻايون پر هن ۾ اسان سان سجاول ضلعي جي عوام، ساڃاھ ونڌن، سياسي سماجي ڌرين ۽ صحافين جو مڪمل تعاون هئڻ تمام ضروري آهي تہ سڀ اسان سان هر ممڪن تعاون ڪن۔

Read Previous

افغان طالبان عالمي برادري کان امداد گهري ورتي

Read Next

ڪشمور : گڊو ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ بار بار ٽرپنگ خلاف شهرين سياسي سماجي اڳواڻن احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي

Most Popular