محمد حفيظ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ تان هٿ کڻي ڇڏيو

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربي ڪار آل رائونڊر محمد حفيظ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ تان هٿ کڻي ڇڏيو.

محمد حفيظ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ سينٽرل پنجاب جي ٽيم ۾ شامل آهي پر اطلاع آهن ته هن نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ تان نه کڻي ڇڏيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته فوڊ پوائزننگ سبب محمد حفيظ کي پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري ٽورنامينٽ ڇڏڻي پئي ۽ آل رائونڊر اسلام آباد کان لاهور روانو ٿي ويو آهي، جتي امڪاني طور سندس بلڊ ٽيسٽ ٿيندي.

ذريعن موجب محمد حفيظ سينٽرل پنجاب کي لاهور ۾ ٿيندڙ ميچن ۾ جوائن ڪندو.

Read Previous

عاطف اسلم جو نئون گيت ”اجنبي“ رليز ٿيندي ئي مقبول

Read Next

مهانگي کنڊ درآمد ڪري قومي خزاني کي لوٽي وڏي واردات ڪئي وئي: شازيه مري

Most Popular